ڌڻي بخش مگسي

ڌڻي بخش مگسي

ڌڻي بخش مگسي

ڌڻي بخش مگسي: نامياري اديب ۽ سماجي ڪارڪن ڌڻي بخش ولد قادر بخش مگسيءَ جو جنم 1920ع ڌاري گل محمد مگسي، تعلقي دادوءَ ۾ ٿيو. سندس والد اصل ڳوٺ پريي مگسيءَ جو رهاڪو هو. جتان 1931ع ۾ لڏي دادو شهر ڀرسان نئون ڳوٺ ٻڌي آباد ٿيو، جيڪو پوءِ اڳتي هلي سندس والد جي نالي پٺيان ڳوٺ گل محمد مگسي سڏجڻ لڳو. ڌڻي بخش مگسي دادوءَ مان تعليم حاصل ڪري استاد مقرر ٿيو. فرض شناس استاد طور وڏو نالو ڪڍيائين. هو مذهبي طرح روادار ۽ ’صلح ڪل‘ جو قائل هو. هن تصنيف ۽ تحقيق جو ڪم 1940ع کان شروع ڪيو. ڪيترين ئي سماجي ڪمن ۾ حصو ورتائين. 31 جنوري 1996ع تي وفات ڪيائين. وفات بعد دادو ضلعي تي سندس لکيل هڪ تحقيقي ڪتاب ’دادو منهنجون يادون‘ جي نالي سان لياقت مگسي ترتيب ڏئي 2001ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي. هي ڪتاب مرحوم ڌڻي بخش مگسيءَ رٽائر ٿيڻ کان اڳ لکيو هو، پر اهو 1976ع وارين برساتن ۾ ضايع ٿي ويو. ان بعد هن 1993ع ۾ ٻيهر يادن کي سهيڙي ڪتاب لکيو. سنڌ جو ناليوارو اديب ۽ تاريخدان پروفيسر عبدالله مگسي، ڊاڪٽر لياقت مگسي ۽ غلام نبي (وڪيل) سندس فرزند آهن، جن مان عبدالله خان گذاري ويو آهي.


لفظ ڌڻي بخش مگسيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو